ڀارت: ڦٽاڪن جي فيڪٽري ۾ باهه، 11 ماڻهو فوت، 80 زخمي

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي رياست مڌيا پرديش ۾ آتش بازي جي سامان جي فيڪٽري ۾ زوردار ڌماڪي کان پوءِ باهه لڳي وئي جنهن ۾ 11 مزدور سڙي فوت جڏهن ته 80 زخمي ٿي يپا آهن.
پرڏيهي خابرو اداري موجب ڌماڪي جي وقت فيڪٽري ۾ 300 کان وڌيڪ ملازم موجود هئا ۽ فيٽري ۾ وڏي انگ ۾ ڦٽاڪا ۽ آتش بازي جو سامان تيار ڪيو پئي ويو.
رپورٽ موجب ڌماڪو ايترو زوردار هو جو ڀرپاسي جون عمارتون به ڌُڏي ويون. ڌماڪي کان پوءِ باهه وڌڻ سبب دونهين جا ڪارا ڪڪر ڇائنجي ويا.
امدادي ڪمن لاءِ فوجي هيليڪاپٽر به طلب ڪيا ويا جڏهن ته ايمبولينسن کي به فيڪٽري ۾ داخل ٿيندي ڏٺو ويو. فيڪٽري مان 100 کان وڌيڪ ملازمن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.
حادثي ۾ هيل تائين 11 مزدور فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي آهي جڏهن ته 80 کان وڌيڪ زخمي آهن جن مان 5 جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي. 10 کان وڌيڪ ماڻهن کي طبي امداد ڏيڻ بعد اسپتال مان ڊسچارج ڪيو ويو آهي.
هيل تائين فيڪٽري ۾ ٿيل ڌماڪي ۽ باهه لڳڻ جا سبب خبر ناهن پئجي سگھيا. واقعي جي جاچ لاءِ ڪميٽي جوڙي وئي آهي پر اهڙا واقعا ڀارت ۾ عام آهن ۽ ڪنهن به جاچ ڪميٽي جو ڪو حل ناهي نڪتو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.