پوري سيريز نه کيڏائي وئي ته پوءِ… اعظم خان وڏو بيان ڏئي ڇڏيو

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي وڪيٽ ڪيپر بيٽر اعظم خان جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن کيڏائڻو آهي ته پوري سيريز کيڏايو ٻي صورت ۾ پنهنجو الڳ رستو وٺندس.
سوشل ميڊيا تي هڪ وڊيو وائرل ٿي رهي آهي ته جنهن ۾ اعظم خان کي شعيب ملڪ سان گفتگو ڪندي ڏسي سگهجي ٿو.


وائرل وڊيو ۾ گفتگو ڪندي اعظم خان چيو ته چئن سالن دوران ٽي ڀيرا واپسي ڪئي پر هڪ ڀيرو به پوري سيريز نه ملي، هڪ ڀيرو پوري سيريز کيڏائي ٻاهر ڪري ڇڏيو، وچ ۾ نه اٽڪايو .
هن چيو ته ٽيم کان ٻاهر ڪري اِهو تاثر ڏنو پيو وڃي ته مان عالمي ڪرڪيٽ لاءِ تيار نه آهيان.
سندس چوڻ هو ته هن ۾ ميچون کٽرائڻ جي صلاحيت آهي انڪري سموري دنيا جي ليگز ۾ کيڏي رهيو آهي.
هن چيو ته ليگز ڪرڪيٽ ۾ پرڏيهي ڪوچز سان پريڪٽس دوران ڪڏهن به محسوس ناهي ٿيندو ته هن ۾ ڪا کوٽ آهي پر پاڪستان ٽيم سان کيڏڻ وقت لڳندو آهي ته واقعي ڪا کوٽ آهي پر جڏهن هو پنهنجي اننگ ڏسندو آهي ته محسوس ٿيندو آهي ته ڪا کوٽ ناهي.
واضح رهي ته اعظم خان کي نيوزيلينڊ خلاف ٽي پنج ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز ۾ ٽي ميچون کيڏائي ٻاهر ڪيو ويو هو، ٽنهي ميچن دوران سندس ڪارڪردگي غير متاثر ڪندڙ رهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.