اليڪشن ڪميشن طرفان پهريون ڀيرو شڪايتن لاءِ واٽس ايپ جو استعمال

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان عام چونڊن جي مانيٽرنگ لاءِ ڪنٽرول روم قائم ڪري ڇڏيو، جڏهن ته پهريون ڀيرو شڪايتن لاءِ واٽس ايپ جو استعمال ڪيو ويندو.
اسلام آباد ۾ ميڊيا بريفنگ ڏيندي ايڊيشنل ڊي جي مرڪزي ڪنٽرول روم هارون شنواري ٻڌايو ته چونڊن جي مانيٽرنگ لاءِ ڪنٽرول روم قائم ڪيو ويو آهي، اسٽيٽ آف دي آرٽ سسٽم ۾ مانيٽرنگ لاءِ خاص قدم کنيا آهن، شڪايتون داخل ڪرائڻ لاءِ پهريون ڀيرو واٽس ايپ استعمال ڪري رهيا آهيون، جڏهن ته اي ميل ۽ يونيورسل فون نمبر تي سڄي ملڪ مان شڪايتون داخل ڪرائي سگهجن ٿيون.
هن ٻڌايو ته صوبائي سطح تي چار ڪنٽرول روم به قائم ڪيا ويا آهن، 32 ريجنل مانيٽرنگ ڪنٽرول روم اليڪشن جي نگراني ڪري رهيا آهن، جڏهن ته 144 ضلعي مانيٽرنگ ٽيمون به شڪايتن جي ازالي لاءِ قدم کڻي رهيون آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.