آءِ ايم ايف، پي آءِ اي خانگائڻ جو پلان منظور ڪري ورتو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) آءِ ايم ايف قومي ايئر لائين پي آءِ اي جي نجڪاري جو پلان منظور ڪري ورتو آهي.
ذريعن موجب، آءِ ايم ايف عملدارن سان نجڪاري وزارت ۽ ناڻي واري وزارت جون اختيارين ڳالهيون ڪامياب ٿي ويون آهن جنهن ۾ آءِ ايم ايف کان پي آءِ اي جي نجڪاري لاءِ قرض ري شيڊيولينگ پلان جي اصولي منظوري ورتي وئي آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پي آءِ اي جي قرض ري شيڊيول پلان لاءِ حتمي منظوري وفاقي ڪابينا کان ورتي ويندي جڏهن ته نجڪاري ڪميشن ۽ ناڻي واري وزارت پلان موجب آءِ ايم ايف، پي آءِ اي جي نجڪاري وارو پلان منظور ڪري ورتو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.