ڪراچي (ويب ڊيسڪ) انسٽيٽيوٽ آف بزنس ايڊمنسٽريشن (آءِ بي اي) ڪراچي آءِ بي اي مين ڪيمپس ۾ ساليانو ڪيريئر فيئر 2024 ڪيريئر ڊيولپمينٽ سينٽر (سي ڊي سي) طرفان اسٽوڊنٽ ڪميٽي جي سهڪار سان ڪيو ويو، ان ايونٽ جو مقصد ڪارپوريٽ ادارن ۽ اڀرندڙ وينچرز کي انسٽيٽيوٽ جي شاگردن سان هم آهنگ ڪرائڻ هو.
ان سال جي ڪيريئر فيئر ۾ متاثر ڪندڙ ٽرن آئوٽ ڏسڻ ۾ آيو، جنهن ۾ 170 کان وڌيڪ ڪمپنين ۽ 40 ڪيريئر ڪائونسلرز شرڪت ڪئي، بئنڪنگ ۽ مالياتي ادارن، سماجي ۽ خدمتن جي شعبي، صنعتي مينوفيچرنگ ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي سميت مختلف شعبن جا نمائندا آءِ بي اي ۾ باصلاحيت شاگردن سان رابطي ۾ آيا.
تقريب جو افتتاح ڪندي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر آءِ بي اي ڪراچي ڊاڪٽر اڪبر زيدي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته ساليانو ڪيريئر فيئر اسان جي شاگردن لاءِ صنعتڪارن سان ڳالهه ٻولهه ڪرڻ، لاڳاپيل شعبن ۾ آگاهي حاصل ڪرڻ، ڪيريئر جا موقعا ڳولڻ ۽ قيمتي موقعا حاصل ڪرڻ لاءِ هڪ اهم پليٽ فارم آهي.
واڌو ريمارڪس آءِ بي اي-سي ڊي سي جي سربراهه سيد عاطف مرتضيٰ قيصر، آءِ بي اي رجسٽرار ڊاڪٽر اسد الياس، هيڊ ڪلچر انبيلمنٽ بئنڪ الفلاح ريحان نعيم ۽ ايڇ آر ليڊر اسماعيل انڊسٽريز لميٽيڊ عارف حسين نعماني فراهم ڪيا.
ان تقريب جي هڪ خاص ڳالهه ”ڪيريئر وسٽا“ پائوڊر باءِ بئنڪ الفلاح جي شموليت هئي، ان پليٽ فارم 40 صنعتي ماهرن سان گڏ انٽرايڪٽو پينل ڊسڪشنز ۽ ون آن ون سيشنز جي سهولت فراهم ڪئي.
نيشنل فوڊز، هلال فوڊز، آڪسفورڊ يونيورسٽي پريس، پي اينڊ جي، زيڊ ٽو سي لميٽيڊ، ميزان بئنڪ سميت ٻين مشهور برانڊن سان واسطو رکندڙ ماڻهن شاگردن کي ذاتي رهنمائي فراهم ڪئي ۽ کين ڪيريئر جي حوالي سان اهم مشورا ڏنا.
آءِ بي اي ڪيريئر فيئر 2024 ۾ بئنڪ الفلاح ليڊ اسپانسر طور، اسماعيل انڊسٽريز لميٽيڊ پلاٽينم اسپانسر طور ۽ ميزان بئنڪ ۽ نيشنل بئنڪ آف پاڪستان سلور اسپانسر طور خدمتون انجام ڏنيون، برونز اسپانسرز ۾ زيڊ ٽو سي لميٽيڊ، Tafslo ۽ DP World شامل هئا، جڏهن ته Pepsi Co بيوريج پارنٽر طور سهڪار ڪيو.
You might also like