ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اداڪارا طوبيٰ انور چيو آهي ته عورتون خوبصورت عورتن يا ڇوڪرين جي گھٽ تعريف ڪنديون آهن جڏهن ته مرد سٺي انداز ۾ تعريف ڪندا آهن ۽ سندن تعريف جو انداز به مختلف هوندو آهي.
طوبيٰ انور تازو ئي هڪ مزاحيه پروگرام ۾ شرڪت ڪئي جتي هن مختلف معاملن تي کُلي ڪري ڳالهايو.
هڪ سوال جي جواب ۾ طوبيٰ انور دعويٰ ڪئي ته ماڻهو هن کي آواز ۽ اکين جي ڪري به سڃاڻي وٺندا آهن.
اداڪارا جو چوڻ هو ته جڏهن هوءَ گھر مان ماسڪ يا نقاب پهري نڪرندي آهي ته ماڻهو کيس آواز ۽ اکين جي ڪري به سڃاڻي وٺندا آهن.
طوبيٰ انور جو چوڻ هو ته عام طور تي عورتون خوبصورت ڇوڪرين يا عورتن جي تعريف نه ڪنديون آهن ۽ جيڪڏهن ڪنديون آهن ته تمام گھٽ ڪنديون آهن.
You might also like