پشاور (ويب ڊيسڪ) پشاور هاءِ ڪورٽ پاڪستاني عورتن جي افغان مڙسن کي پاڪستان اوريجن ڪارڊ (پي او سي) جاري ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
پشاور هاءِ ڪورٽ ۾ افغان شهرين سان شادي ڪندڙ پاڪستاني عورتن جي درخواستن تي ٻڌڻي جسٽس اعجاز ۽ جسٽس شڪيل احمد ڪئي.
ٻڌڻي دوران درخواستگذار جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته درخواستگذار عورتن افغان شهرين سان شاديون ڪيون آهن ۽ کين ٻار به آهن پر انهن جي مڙسن کي پاڪستان اوريجن ڪارڊ جاري ناهن ڪيا ويا.
درخواستگذار جي وڪيل ٻڌايو ته مڙسن کي پاڪستان اوريجن ڪارڊ جاري نه ڪرڻ سبب عورتن ۽ انهن جي ٻارن کي ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن.
عدالت درخواستگذار عورتن جي افغان مڙسن کي قانون موجب پي او سي ڪارڊ جاري ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته درخواستگذار عورتن لاءِ آسانيون پيدا ڪيون وڃن، کين هراسان نه ڪيو وڃي.
You might also like