جعلي نوٽن جون شڪايتون، اسٽيٽ بئنڪ وڏو فيصلو ڪري ورتو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اسٽيٽ بئنڪ سموري ماليت جا نوان ڪرنسي نوٽ آڻڻ جو اصولي فيصلو ڪري ورتو.
اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر جميل احمد موجب نوان نوٽ عالمي سيڪيورٽي فيچر سان ڇاپيا ويندا.
هن چيو ته نوٽ نئين سيريل نمبر، ڊيزائن ۽ هاءِ سيڪيورٽي فيچر سان متعارف ڪرايا ويندا.
سندس چوڻ هو ته نون نوٽن جي ڊيزائن جو فريم ورڪ شروع ٿي چڪو آهي، اميد ته نون نوٽن جي ڊيزائن جو فريم ورڪ مارچ تائين مڪمل ٿي ويندو.
اسٽيٽ بئنڪ گورنر واضح ڪيو ته ڀارت جيان ڪرنسي نوٽن جي تبديلي اوچتو نه ڪنداسين.
اسٽيٽ بئنڪ ذريعن جو چوڻ آهي ته سڄي ملڪ ۾ جعلي نوٽن جي شڪايتن کي ڏسندي اهو فيصلو ڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.