بلوچستان مان ايراني ڊيزل جي سنڌ ۾ سمگلنگ ناڪام

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) ايف سي بلوچستان (نارٿ) ڪامياب ڪارروائي ڪندي بلوچستان مان ايراني ڊيزل جي سنڌ ۾ سمگلنگ ناڪام بڻائي ڇڏي.
ايف سي بلوچستان (نارٿ) ڳجهي اطلاع تي بلوچستان ۽ سنڌ جي سرحد ڀرسان ڪامياب ڪارروائي ڪندي بلوچستان مان غير قانوني طور ايراني ڊيزل جي سنڌ ۾ سملگنگ کي ناڪام بڻايو ڇڏيو.
سمگلر 10 ٽرڪن ۾ 3 لک 79 هزار ليٽر ايراني ڊيزل سمگل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا، ايف سي ڇاپو هڻي سمورو ڊيزل ضبط ڪري ورتو ۽ ضروري ڪارروائي کانپوءِ اهو ڪسٽمز اختيارين حوالي ڪيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.