سوشل ميڊيا تي پروپئگنڊا جو مقصد ڏڦيڙ ۽ مايوسي پکيڙڻ آهي: آرمي چيف

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير چيو آهي ته پاڪستان پنهنجي خودمختياري تي ڪو به ٺاهه نه ڪندو.
اسلام آباد ۾ ” پاڪستان نيشنل يوٿ ڪانفرنس “ کي خطاب ڪندي آرمي چيف چيو ته پاڪستان جي مستقبل جي معمارن ۽ اقبال جي شاهينن کي ڏسي انتهائي خوشي محسوس ڪري رهيو آهيان، پاڪستان کي ٺاهڻ جو مقصد اِهو هو ته اسان جو مذهب، تهذيب ۽ تمدن هر لحاظ کان هندن کان مختلف آهي.
آرمي چيف چيو ته نوجوانن کي پنهنجي وطن، قوم، ثقافت، تهذيت، تمدن ۽ پنهنجو پاڻ تي اعتماد هجڻ گهرجي، پاڪستان جي نوجوانن کي ان ڳالهه جو يقين هئڻ گهرجي ته هو هڪ عظيم وطن ۽ قوم جا سپوت آهن،نوجوان هن قوم ۽ ملڪ جي روشن روايتن، اقبال ۽ قائد جي خوابن جي ساڀيان جا امين آهن.
سندس چوڻ هو ته دهشتگردي خلاف ته پاڪستان جون فوجون وڙهي سگهن ٿيون پر دهشتگردي خلاف پوري قوم جو سهڪار ضروري آهي، سوشل ميڊيا جي خبرن جي ڇنڊڇاڻ ڪرڻ ضروري آهي، سوشل ميڊيا تي پروپئگنڊا جو مقصد بي يقيني، ڏڦيڙ ۽ مايوسي پکيڙڻ آهي.
آرمي چيو ته تحقيق ۽ هاڪاري سوچ کانسواءِ معاشرو ڏڦيڙن جو شڪار رهندو آهي، الله تعاليٰ قرآن مجيد ۾ فرمائي ٿو ته ” اي ايمان وارئو! جيڪڏهن ڪو فاسق اوهان وٽ ڪا خبر کڻي اچي ته ان جي تحقيق ڪري وٺو“ .
هن وڌيڪ چيو ته مسلمان مشڪل ۾ صبر ۽ آساني ۾ الله جو شڪر ادا ڪندو آهي، اسان جي فوج هر قسم جي خطري ۽ سازش خلاف هر وقت تيار آهي، پاڪستان آهي ته اسان آهيون، پاڪستان ناهي ته اسان ڪجهه به نه آهيون، پنهنجي خودمختياري تي ڪو به ٺاهه نه ڪنداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.