ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته نواز شريف چور دروازي مان چوٿون ڀيرو وزيراعظم بڻجڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.
پرڏيهي خابرو اداري کي انٽرويو ڏيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اڄ ڪيل فيصلن جا اثر ملڪ جي نوجوانن کي ڀوڳڻا پوندا، سندس خيال ۾ اهو بهتر هوندو جيڪڏهن نوجوانن کي اهي فيصلا ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي ڇو ته ملڪ جي 241 ملين آبادي جو لڳ ڀڳ ٻه ڀاڳي ٽي حصو 30 ورهين کان گهٽ عمر آهي، مالياتي رنڊڪن باوجود مفت بجلي فراهم ڪرڻ جو منصوبو آهي.
پ پ چيئرمين چيو ته چونڊن ۾ ملڪي تاريخ ۾ سڀ کان وڌيڪ آزاد اميدوار حصو وٺي رهيا آهن، هو آزاد اميدوارن سان گڏجي حڪومت ٺاهڻ جي ڪوشش ڪندو، نواز شريف چوٿون ڀيرو وزيراعظم بڻجڻ لاءِ عوام کانسواءِ ڪنهن ٻي شيءِ تي ڀروسو ڪري رهيو آهي.
عام چونڊن جي شفافيت بابت گفتگو ڪندي هن چيو ته شفافيت جا سوال 2024ع جي چونڊن تي لٽڪي رهيا آهن، مسلم ليگ نون ۽ تحريڪ انصاف هڪ ئي سڪي جا ٻه پاسا آهن، چهرا تبديل ٿيندا آهن پر پاليسيون ساڳيون ئي رهنديون آهن.
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته مسلم ليگ نون ۽ تحريڪ انصاف پنهنجي ڪارڪردگي ثابت ڪري چڪيون آهن، اڄ ملڪ بدترين معاشي بحران مان گذري رهيو آهي.
هن اٺ فيبروريءَ جي چونڊن ۾ نون ليگ يا پي ٽي آءِ سان هٿ ملائڻ کان انڪار ڪندي چيو ته چونڊجڻ تي آزاد اميدوارن سان حڪومت ٺاهڻ کي ترجيح ڏيندس.
You might also like