لکي غلام شاهه (ويب ڊيسڪ) لکي غلام شاھه مان اغوا ٿيل جي يو آءِ اڳواڻ سميت چار ڄڻا بازياب نه ٿي سگهيا آهن، جن جي بازيابي لاءِ ڪئمپ قائم ڪئي وئي آهي.
هفتي کان وڌيڪ جو وقت گذرڻ باوجود مولانا عبدالحميد لنڊ، منصور مهر، اعجاز مهر سميت چار ڄڻا بازياب نه ٿي سگهيا آهن.
مغوين جي وارثن کان ڌاڙيلن طرفان فون ڪري 2 ڪروڙ رپيا ڀنگ طلب ڪيو ويو آهي.
هوڏانهن مغوين جي وارثن ۽ ٻين پاران لکي لڳ بائي پاس وٽ احتجاجي ڪئمپ قائم ڪئي وئي آهي.
اڳواڻن جو چوڻ آهي ته هفتو گذرڻ باوجود مغوين جي بازيابي لاءِ پوليس رڳو دلاسا ڏئي رهي آهي.
هنن چيو ته ڌاڙيلن طرفان مغوين جي بازيابي لاءِ ڳرو ڀنگ طلب ڪيو ويو آهي، وارث غريب هجڻ ڪري ايتري رقم ڪٿان آڻيندا.
اڳوان چتاءُ ڏنو ته مغوين کي بازياب ڪرائي وارثن ۾ پکڙيل بي چيني ختم ڪئي وڃي.