ڪراچي کان لاهور ويندڙ قراقرم ايڪسپريس وڏي حادثي کان بچي وئي

لاهور (ويب ڊيسڪ) ڪراچي کان لاهور ويندڙ قراقرم ايڪسپريس وڏي حادثي جو شڪار ٿيندي ٿيندي بچي وئي، ايمرجنسي بريڪ سبب ڪپلنگ ٽٽڻ سان ٽرين ٻه حصن ورهائجي وئي.
ريلوي ذريعن موجب ڪراچي کان لاهور ويندڙ قراقرم ايڪسپريس ٻن حصن ۾ ورهائجي وئي، جنهن سبب اها حادثي جو شڪار ٿيندي ٿيندي بچي وئي.
ٽرين کي زوردار جهٽڪو لڳڻ سان مسافرن ۾ خوف پيدا ٿي ويو، ٽرين بيهندي ئي مسافر بوگين مان نڪري آيا.
ذريعن موجب حادثو ايمرجنسي بريڪ سبب ڪپلنگ ٽٽڻ سان پيش آيو، حادثو لاهور ويندي گوجرا ڀرسان پيش آيو.، خوش قسمتي سان سمورا مسافر محفوظ رهيا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.