زال مڙس ۾ هم آهنگي ۽ خوشي نه هجي ته اسلام عليحدگي جي اجازت ڏئي ٿو: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ آمريڪا ۾ شادي ۽ پوءِ خلع وٺڻ جي ڪيس خلاف پاڪستاني شهري جي اپيل خارج ڪرڻ جو لکت حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو.
سپريم ڪورٽ جي جسٽس حسن اظهر رضوي 7 صفحن تي ٻڌل فيصلو لکيو، جنهن موجب درخواستگذار اڳوڻي گهرواري جو آمريڪا ۾ ٿيل نڪاح پاڪستان ۾ رد ڪرڻ کي چئلينج ڪيو هو.
عدالت پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته عورت آمريڪا سان گڏ پاڪستاني شهريت به رکي ٿي، رڪارڊ موجب خلع وٺڻ کانپوءِ عورت آمريڪا ۾ ٻي شادي ڪري ڇڏي.
فيصلي موجب سنڌ هاءِ ڪورٽ جو خلع وٺڻ لاءِ حق ۾ فيصلو قانون موجب درست آهي، خلع باوجود غير ضروري طور تي اڳوڻي گهرواري کي قانوني ڪارروائي ۾ گهليو ويو، جڏهن ته درخواستگذار به پاڪستان ۾ ٻي شادي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.
عدالتي فيصلي موجب اسلام عورت کي خلع جو حق ڏئي ٿو ۽ زال مڙس ۾ هم آهنگي ۽ خوشي نه هجي ته اسلام انهن کي عليحدگي جي اجازت ڏئي ٿو.
عدالت دليل ٻڌڻ کانپوءِ خلع خلاف پاڪستاني شهري جي اپيل خارج ڪري ڇڏي.
واضح رهي ته درخواستگذار سهيل احمد سنڌ هاءِ ڪورٽ جو فيصلو سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.