سڊني (ويب ڊيسڪ ) پاڪستاني ٽيم پنهنجي آخري ٽيسٽ کيڏندڙ آسٽريلوي اوپنر ڊيوڊ وارنر کي ڀيرتا پيش ڪئي ۽ گڏوگڏ تحفو پڻ ڏنو.
پاڪستان ۽ آسٽريليا وچ ۾ ٽن ٽيسٽ ميچن جي سيريز جي آخري ٽيسٽ ڪينگروز گرين شرٽس کي اٺ وڪيٽن تان هارائي سيريز ۾ وائيٽ واش ڪري ڇڏيو.
پنهنجي ٽيسٽ ڪيريئر جي آخري اننگز ۾ ڊيوڊ وارنر 57 رنسون ٺاهيون ۽ ساجد خان جي بال تي ايل بي ڊبليو ٿي ويو.
ڊيوڊ وارنر جڏهن آئوٽ ٿيو ته گرائونڊ مان ٻاهر وڃڻ تي پاڪستاني رانديگرن ۽ سڊني اسٽيڊيم ۾ موجود تماشائين کيس تاڙيون وڄائي داد ڏني.
ان کانپوءِ انعامن واري تقريب دوران پاڪستاني ٽيم جي ڪپتان شان مسعود ڊيوڊ وارنر کي ٽيم طرفان مبارڪباد پيش ڪئي ۽ کيس بابر اعظم جي شرٽ تحفي طور پيش ڪئي جنهن تي پاڪستاني اسڪواڊ ۾ شامل سمورن رانديگرن جون صحيحون ڪيون.
You might also like