سڊني ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڊائريڪٽر محمد حفيظ آسٽريليا ۾ ٽن ٽيسٽ ميچن جي سيريز ۾ گرين شرٽس جي وائٽ واش جي دفاع ۾ ميدان ۾ اچي ويو.
سڊني ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ٽيم ڊائريڪٽر محمد حفيظ چيو ته آسٽريليا جي دوري دوران پاڪستان ٽيم سٺي ڪرڪيٽ کيڏي آهي پر ڪجهه اهڙا موقعا هئا جنهن مان ٽيم فوري فائدو نه کڻي جڏهن ته ميلبورن ۾ ڪيچز ڊراپ ٿيڻ سبب شڪست ٿي، دوري تي غلطيون به ڪيون جنهن تي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي.
هن چيو ته آءِ سي سي کي ٽيسٽ ڪرڪيٽ لاءِ هڪ تجويز ڏيندس، آءِ سي سي تمام ڪرڪيٽ بورڊز لاءِ اسٽينڊرڊ ٽيسٽ فيس جو نظام متعارف ڪرائي، تمام ٽيسٽ کيڏندڙ رانديگرن کي فيس برابر ملي، پوءِ ڀلي اِهو رانديگر آسٽريليا جو هجي يا ڪنهن ٻئي ملڪ جو.
بابر اعظم بابت محمد حفيظ جو چوڻ آهي ته بابر کي آرام ڏئي سگهجي ٿو، کيس آرام ڏيڻ کان اڳ سوچڻو پوندو هو پاڻ ڇا ٿو چاهي، سندس مدد لاءِ موجود آهيون.
ٽيم ڊائريڪٽر وڌيڪ چيو ته رانديگر ڪنهن ٽيڪنيڪ کي بهتر بڻائڻ لاءِ به رابطو ڪري سگهن ٿا ۽ بابر اعظم محنتي آهي، کيس هڪ وڏي اننگز جي ضرورت آهي جيڪا سندس اعتماد بحال ڪندي.
You might also like