لاهور ( ويب ڊيسڪ ) لاهور ۾ ٿيل پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينٽرل ايگزيڪٽيو ( سي اي سي ) اجلاس جي اندروني ڪهاڻي سامهون اچي وئي.
اربع جي ڏينهن لاهور ۾ پ پ جي سينٽرل ايگزيڪٽيو ڪميٽي جو اجلاس بلاول هائوس ۾ ٿيو جنهن ۾ يوسف رضا گيلاني، مهدي شاهه، قمر زمان ڪائرا، منظور وساڻ ۽ ٻين اڳواڻن شرڪت ڪئي.
اجلاس ۾ چونڊ مهم ۽ منشور بابت ڳالهه ٻول ڪئي وئي، ملڪي سياسي صورتحال ۽ چونڊن جي حوالي سان سياسي رابط تي به گفتگو ٿي.
آصف زرداري پ پ طرفان وزيراعظم جي اميدوار طور بلاول ڀٽو زرداري جو نالو پيش ڪيو .
سي اي سي بلاول ڀٽو زرداري جو نالو وزيراعظم طور منظور ڪري ورتو.
پ پ ذريعن موجب، پنجاب ۾ قومي اسيمبليءَ جي 50، ڪي پي ۾ 12 سيٽون حاصل ڪرڻ جو ٽارگيٽ هئڻ گهرجي قومي اسيبلي جون 80 کان وڌيڪ سيٽون حاصل ڪري ورتيون ته وزارت عظميٰ جا حقدار بڻجي سگهون ٿا.
ذريعن چوڻ آهي ته اجلاس ۾ ان عزم جو اظهار ڪيو ويو ته اليڪشن ۾ محنت ڪنداسي ته وزيراعظم ۽ صدر جو عهدو حاصل ڪري سگهون ٿا.
ان کانسواءِ ذريعن جو چوڻ آهي ته اجلاس ۾ اِهو به عزم ڪيو ويو ته پيپلز پارٽي کي ڌيان سان گڏ محنت سان چونڊ وڙهڻي آهي، اسان مسئلن جي حل جو پروگرام پيش ڪيو آهي ۽ هو ئي ملڪ کي بحران مان ڪڍي سگهن ٿا.
					You might also like
		
	
	
					 
			