پ پ کي بلوچستان مان وڏي سياسي ڪاميابي ملي وئي، سرفراز بگٽي جي شموليت

تربت (ويب ڊيسڪ) اڳوڻو نگران گهرو وزير سرفراز بگٽي پ پ ۾ شامل ٿي ويو.
پ پ کي بلوچستان مان وڏي سياسي ڪاميابي ملي وئي، اڳوڻي نگران گهرو وزير سرفراز بگٽي پ پ ۾ شموليت اختيار ڪري ورتي آهي.
پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري سرفراز بگٽي کي پ پ ۾ شموليت تي پارٽي جي پرچم وارو مفلر پارايو.
ان حوالي سان سرفراز بگٽي چيو ته قائد محترم آصف علي زرداري مون کي تربت اچي پ پ جوائن ڪرڻ جو حڪم ڏنو، اعزاز جي ڳالهه آهي ته مان پ پ ۾ شموليت اختيار ڪري رهيو آهيان.
هن چيو ته پ پ ئي اها جماعت آهي، جيڪا پاڪستان خلاف بيانيو چئلينج ڪندي، آصف زرداري جي قيادت ۾ بلوچستان جي خطي ۾ امن جو سج اڀرندو.
واضح رهي ته سرفراز بگٽي ڪجهه ڏينهن نگران وفاقي وزير جي عهدي تان استعيفيٰ ڏني هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.