ٽرانسپورٽرن جو عوام کي رليف، ڀاڙن ۾ گهٽتائي جو اعلان

لاهور (ويب ڊيسڪ) پيٽروليم شين جي اگهن ۾ گهٽتائي کانپوءِ پنجاب جي نگران وڏي وزير محسن نقوي جي هدايت تي ٽرانسپورٽرن ڀاڙن ۾ گهٽتائي جو اعلان ڪري ڇڏيو.
لاهور کان هلندڙ ٽرانسپورٽ ڪمپنين ڀاڙن ۾ 5 کان 10 سيڪڙو گهٽتائي ڪري ڇڏي، ليه اي سي بس جو ڀاڙيو 2200 مان 2100 رپيا ۽ بهاولپور اي سي بس جو ڀاڙو 1750 مان گهٽائي 1650 رپيا ڪيو ويو.
اهڙي ريت ملتان اي سي بس جو ڀاڙو 1850 مان 1650 رپيا، مظفر ڳڙهه اي سي بس جو ڀاڙو 2050 مان 1800 رپيا ۽ فورٽ عباس اي سي بس جو ڀاڙو 1800 مان 1700 رپيا ڪيو ويو آهي.
لاهور کان اسلام آباد جو ڀاڙو 2760 کان 2680 رپيا، ڪراچي جو ڀاڙو 6350 کان 6150 رپيا، پشاور جو ڀاڙو 2530 مان 2430 رپيا ۽ ڪوئيٽا جو ڀاڙو 3800 مان 3600 رپيا ڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.