اسلام آباد ۾ ڦورن کي پڪڙيندي پوليس اهلڪار پٽ سوڌو مارجي ويو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد جي رمنه ٿاڻي جي حدن ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ پوليس اهلڪار ۽ سندس پٽ مارجي ويا.
پوليس موجب هيڊ ڪانسٽيبل محمد اشرف ڊيوٽي ختم ڪري پٽ سان گڏ گهر وڃي رهيو هو ته دڳ ۾ هن ڦر جي واردات ٿيندي ڏٺي.
سي سي ٽي وي فوٽيج موجب هٿياربندن کي ڦر ڪندي ڏسي اهلڪار اشرف انهن ڏانهن ڊڪ ڀري، اهلڪار کي ڏسي جوابدار فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳا، پوليس اهلڪار جوابدارن کي پڪڙيو ته سندس پٽ به مدد لاءِ اچي ويو.
اهلڪار ۽ سندس پٽ کي پاڻ تي حاوي ٿيندي ڏسي جوابدارن فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ اشرف سميت سندس پٽ ذيشان به مارجي ويو، جڏهن ته جوابدار فرار ٿي ويا.
پوليس موجب هيڊ ڪانسٽيبل اشرف پوليس لائن هيڊ ڪوارٽرز ۾ مقرر هو، جڏهن ته سي سي پي او اڪبر ناصر نوٽيس وٺندي جوابدارن جي جلد گرفتاري جا حڪم جاري ڪيا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.