ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ جي ججن ۽ انهن جي گهروارين کي ايئرپورٽن تي تلاشي کان ڇوٽ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي.
ايئرپورٽ سيڪيورٽي فورس، سول ايوي ايشن جي هدايت تي حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته سڄي ملڪ جي هوائي اڏن تي حاضر سروس ججن ۽ انهن جي گهروارين جي تلاشي نه ورتي ويندي.
اي ايس ايف طرفان ايوي ايشن سيڪريٽري جي هدايت تي ججن جي تلاشي کان ڇوٽ بابت حڪم نامو جاري ڪيو ويو.
ايوي ايشن سيڪريٽري تلاشي کان ڇوٽ جو حڪم سپريم ڪورٽ جي هدايت تي جاري ڪيو.
Prev Post
You might also like