چنڊ نئين دور ۾ داخل ٿي ويو آهي:سائنسدان

ڪينزس (ويب ڊيسڪ) سائنسدانن چيو آهي ته چنڊ نئين دور ۾ داخل ٿي ويو آهي. سائنسدانن پاران ان دور کي لونر (قمري) اينٿروپوسين جو نالو ڏنو ويو آهي.
اينٿروپوسين اها زميني عمر هوندي آهي جنهن کي ان دور جي طور تي ڏٺو ويندو آهي جڏهن انساني سرگرميون موسم ۽ ماحول کي اثرانداز ڪرڻ لاءِ غالب رهنديون آهن.
محققن جو چوڻ آهي ته انسانن ڇنڊ جي زمين کي تبديل ڪيو آهي ۽ ان حد تائين تبديل ڪرڻ جو ارادو ڪيو آهي جو اهو هٿرادو سيارون (سيٽلائيٽس) جي نئين دور جي طور تي سمجهيو وڃي. انسانيت جو ايندڙ سالن ۾ چنڊ جي ماحول کي وڌيڪ تبديل ڪرڻ جو منصوبو آهي، جنهن ۾ چنڊ جي سطح تي واپس وڃڻ ۽ انسانن کي ٻيهر اتي لاهڻ شامل آهي۔
چنڊ جي نئين دور بابت محققن پاران ڪيل بحث نيچر جيو سائنس ۾ ڪمينٽ آرٽيڪل طور شايع ٿيو.
محققن موجب ان دور جي شروعات 1959ع ۾ ٿي جڏهن روس جو لونا ٻه خلائي جهاز چنڊ جي سطح تي لهندڙ پهريون اسپيس ڪرافٽ بڻيو.
يونيورسٽي آف ڪينزس سان واسطو رکندڙ زميني محقق ۽ تحقيق جي سربراهه ليکڪ جسٽن هولڪومب جو چوڻ هوته اهو خيال بلڪل زمين تي اينٿروپوسين بابت ٿيل بحث جهڙو آهي، جنهن ۾ اهو مطالعو ڪيو ويو هو ته انسانن ان سياري کي ڪيترو متاثر ڪيو آهي.
شايع ٿيل ان تبصري ۾ سائنسدانن ٻڌايو ته قمري اينٿروپوسين جي شروعات ٿي چڪي آهي پر سائنسدان چنڊ کي وڏي نقصان کان بچائڻ چاهين ٿا يا ان جي سڃاڻپ کي ان وقت تائين قائم رکڻ چاهين ٿا ته جيستائين سائنسدان انساني سرگرمين جي ڪري بڻجندڙ چنڊ جي جي هالي جي ماپ ڪري سگھن، ۽ ان وقت تائين گھڻي دير ٿي چڪي هوندي.
انسان چنڊ جي سطح تي اڳ ئي گھڻو گند پکيڙي چڪو آهي. ان گند ۾ پهريون ڀيرو چنڊ تي لهڻ وقت گالف جا بال ۽ جهنڊا شامل آهن جيڪا اتي ڇڏيا ويا هئا. انهن ۾ انساني فضلو ۽ ٻيو گند به شامل آهي.
وڌيڪ اهو ته انسان چنڊ جي سطح کي تبديل ڪرڻ لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي ۽ ماڻهو ان سطح کي کوٽي اتي رهڻ جي تياري ڪري رهيا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.