اڊيالا جيل ۾ سائفر ڪيس جي ٻڌڻي ان ڪئميرا ٿيندي، پراسيڪيوشن جي درخواست منظور

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) سائفر ايڪٽ جي خاص عدالت سائفر ڪيس جي ان ڪئميرا ٻڌڻي جي درخواست منظور ڪري ورتي.
خاص عدالت جي جج ابو الحسنات ذوالقرنين پراسيڪيوشن جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، جنهن کي پراسيڪيوشن سيڪشن 14 اي تحت گذريل ڏينهن داخل ڪيو هو.
ٻڌڻي دوران ايف آءِ اي جي پراسيڪيوٽر رضوان عباسي پنهنجي دليلن ۾ چيو ته آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ جي سيڪشن 14 تحت ٻڌڻي ان ڪئيمرا ٿيڻ گهرجي، حالتن ۽ واقعن کي ڏسندي ڳجهو ٽرائل ڪيو ويو آهي ۽ سائفر سيڪريٽ هو ته ٻڌڻي به ان ڪئميرا هجڻ گهرجي.
رضوان عباسي چيو ته چارج فريم ٿي چڪو، شاهديون رڪارڊ ٿيڻيون آهن ۽ شاهديون رڪارڊ ڪرڻ وقت سيڪريسي کي نظر ۾ رکيو وڃي.
ان دوران شاهه محمود قريشي جي وڪلي علي بخاري چيو ته اسان جيل ٽرائل جو نوٽيفيڪشن هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو هو، هاءِ ڪورٽ نوٽيفڪيشن ڪالعدم قرار ڏئي اوپن ٽرائل جو حڪم ڏنو، هاڻ اسان کي ميڊيا کان خبر پئي ته فرد جرم لاڳو ڪيو ويو آهي.
ان تي جج علي بخاري پڇيو ته توهان ٻڌڻي دوران ڪٿي هئا؟ سڀني جي سامهون چارج فريم ٿيڻو هو، فرد جرم عدالت ۾ پڙهي ٻڌايو ويو.
پوءِ عدالت پراسيڪيوشن جي اپيل منظور ڪندي سائفر ڪيس جي ان ڪئميرا ٻڌڻي جي درخواست منظور ڪري ورتي.
عدالت چيو ته رڳو جوابدارن جي فيملي ميمبرن کي ٻڌڻي دوران عدالتي ڪمري ۾ پهچ ڏني وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.