شوبز جي دنيا ڇڏي مذهب جي رستي تي هلندڙ رابي پيرزادا امڪاني طور تي زندگي جي نئين سفر جي شروعات ڪري ڇڏي.
ايڪس تي رابي پيرزادا هڪ تصوير شيئر ڪئي، جنهن ۾ هوءَ ڪنهن شخص جو هٿ پڪڙي گاڏي ۾ ويٺل آهي.
تصوير جي نوعيت ۽ پوسٽ جي ڪيپشن مان اهو اندازو لڳائڻ ڏکيو آهي ناهي ته رابي امڪاني طور تي زندگي جي هڪ نئين شاهراهه تي قدم رکي ڇڏيو آهي.
رابي پيرزادا تفصيل ٻڌائڻ کانسواءِ ڪيپشن ۾ هڪ شعر لکيو، جنهن تي مداحن طرفان کيس مبارڪن جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي.
تھاما جو ہاتھ تم نے دنیا کا ڈر کہاں
رشتوں کی بندشوں کا ویسا اثر کہاں
چھوڑے تو جا رہی ہوں دنیا کو سب سے پیچھے
منزل تو مل ہی جائے ، جانا مگر کہاں
رابی
thama ho hath tum ne dunya ka dar kahan
rishton ki bandishon ka wesa asar kahan
chore to jaa rehi hon dunya ko sab se peechey… pic.twitter.com/neRIuq6uhD— Rabi Pirzada (@Rabipirzada) December 9, 2023