لاهور (ويب ڊيسڪ) لياقت آباد پوليس ٽڪ ٽاڪ تي وڊيوز ٺاهڻ لاءِ ڦرون ۽ چوريون ڪندڙ گروهه کي گرفتار ڪري ورتو.
ايس پي ماڊل ٽائون ارتضيٰ ڪميل موجب لياقت آباد پوليس ڪارروائي دوران ٻه رڪني متحرڪ چورن ۽ ڦورن جي گروهه کي گرفتار ڪري ورتو، فوٽيجز ۾ جوابدارن کي هٿيارن جي نمائش ۽ هوائي فائرنگ ڪندي ڏسي سگهجي ٿو.
جوابدارن اعتراف ڪيو ته مختلف لباسن ۾ وڊيوز ٺاهڻ لاءِ ڦرون ۽ چوريون ڪندا هئا.
پوليس موجب جوابدارن شهر جي مختلف علائقن ۾ ڦرن ۽ چورين جي ڪيترين ئي وارداتن جو اعتراف ڪيو، گرفتار جوابدارن ۾ وسيم خان عرف ساجد ۽ زاهد شامل آهن.
جوابدارن وٽ هڪ لک رپيا روڪ، ٻه موبائل فونز ۽ وارداتن ۾ استعمال ٿيندڙ 125 موٽڙ سائيڪل برآمد ڪئي وئي، جڏهن ته وڌيڪ جاچ لاءِ کين انويسٽيگيشن ونگ حوالي ڪيو ويو آهي.
Next Post
You might also like