ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ناڻي واري سيڪريٽري امداد الله بوسال جو چوڻ آهي ته اليڪشن ڪميشن کي ٻن ڏينهن ۾ مختص ڪيل چونڊ فنڊز جاري ڪيا ويندا.
اليڪشن ڪميشن فيبروري 2024 ۾ رٿيل عام چونڊن لاءِ مختص فنڊز رليز نه ٿيڻ واري معاملي جو نوٽيس وٺندي ناڻي واري سيڪريٽري کي طلب ڪيو هو.
فنڊز جي رليز نه ٿيڻ جو معاملو سامهون اچڻ بعد ناڻي واري سيڪريٽري امداد الله بوسال اليڪشن ڪميشن عملدارن سان ملاقات ڪئي. بعد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته اليڪشن ڪميشن طرفان 14 نومبر تي فنڊز لاءِ خط لکيو ويو هو جيڪو 18 نومبر تي ناڻي وزارت کي مليو، مختلف سطحن تي منظور ٿيندي آهي، ايندڙ ٻن ڏينهن ۾ فنڊز جاري ڪيا ويندا.
خيال رهي ته فنڊز جاري نه ٿيڻ مطلب اليڪشن رولڙي جو شڪار ٿيڻ هوندو آهي، ان کان اڳ اليڪشن ڪميشن پاران ناڻي وزارت جي عملدارن کي طلب ڪيو ويو آهي ته هنن فنڊز ڇو جاري ناهن ڪيا.
ان لاءِ اهي ڳالهيون ٿي رهيون هيون ته چونڊون رولڙي جو شڪار ٿي ويون آهن.