ڪنڌڪوٽ (ويب ڊيسڪ) ڪنڌڪوٽ ۾ ڪيڊٽ ڪاليج ڀرسان روڊ حادثي ۾ 5 ڄڻا فوت ٿي ويا.
پوليس موجب ڪنڌڪوٽ ۾ انڊس هاءِ وي ڪيڊٽ ڪاليج وٽ ٽريفڪ حادثو پيش آيو، وين ۽ ٽرڪ ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ 5 ڄڻا فوت ٿي ويا.
پوليس ٻڌايو ته حادثي ۾ 9 ڄڻا زخمي پڻ ٿيا، اطلاع ملندي ئي ريسڪيو ٽيمون پهچي ويون، جنهن فوتين جا مڙهه ۽ زخمين کي اسپتال پهچايو.
پوليس موجب انڊس هاءِ وي تي ڪوهيڙي سبب حادثو پيش آيو.
Next Post
You might also like