کدڙا فقير هڪ ڳجهي ٻولي ڳالهائيندا آهن

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پروگرام کان اڳ سڀ کدرا فقير تيار ٿيڻ لاءِ جنهن هنڌ گڏ ٿيندا آهن ان کي روشني چيو ويندو آهي.

کدڙا فقير پنهنجي پروگرام ۾ خراب ماحول کي ”فل ڪچي“ چوندا آهن، جڏهن ته بيلاگان جو مطلب آهي بدمعاش ۽ گوگل معنيٰ فرار ٿي وڃڻ.

سڀ تال ۾ ويهڻ جو مطلب آهي سڀ نشي ۾ ويهڻ ۽ ناٽو جو مطلب آهي ٺپ انڪار. کدڙا فقير ٿاڻي کي ڊانگور خانا چوندا آهن.

کدڙن فقيرن پاران سهڻي نوجوان يا ڇوڪري کي چيسو چيو ويندو آهي.

اهڙي ٻولي عام ماڻهو کي سمجهه ۾ ناهي ايندي ۽ هو ڪيترائي اهڙا ڳجها لفظ استعمال ڪندا آهن جيڪي سمجهه ۾ ناهن ايندا.

کدڙن جي انهيءَ ٻولي کي سيگي ناگي چيو وڃي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.