پاڻ کي تبديل ڪرڻ انسان لاءِ وڏو ڏکيو هوندو آهي پر هڪ عادت مائڪرو سافٽ جي شريڪ باني بل گيٽس کي تبديل ٿيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.
حقيقت ۾ ان عادت بل گيٽس کي ڪمپيوٽر ۽ سافٽ ويئر جي محدود دائري مان ڪڍي عالمي سطح تي فلاحي ڪمن لاءِ تيار ڪيو.
68 ورهين جي بل گيٽس تازو پنهنجي گفتگو ۾ ٻڌايو ته 18 کان 40 ورهين جي عمر تائين مان پنهنجي ڪم بابت گهڻو جنوني هيس ۽ مائڪرو سافٽ ڪمپني ئي منهنجي لاءِ سڀ ڪجهه هئي.
هن چيو مان خوش قسمت آهيان ته ٻين ماڻهن مائڪرو سافٽ کي سنڀالي ورتو ۽ مون کي سڄي دنيا جي طبي مسئلن بابت پڙهڻ ۽ ڄاڻڻ جو موقعو مليو.
دنيا جي امير ترين ماڻهن ۾ شامل ٿيندڙ بل گيٽس کي مطالعو ڪرڻ پسند آهي ۽ ان عادت ئي کيس پنهنجو ڪيريئر تبديل ڪرڻ ۾ مدد فراهم ڪئي.
1997 ۾ بل گيٽس ۽ ان وقت سندس گهرواري ملينڊا هڪ مضمون پڙهيو، جنهن ۾ ٻڌايو ويو هو ته دنيا ۾ هر سال لکين ٻار اهڙن مرضن سبب لاڏاڻو ڪري ويندا آهن، جن جو علاج آساني سان ممڪن آهي.
جڏهن هو 2000 ۾ مائڪرو سافٽ جي چيف ايگزيڪيوٽو جي عهدي کان الڳ ٿيو ته کيس وڌيڪ مطالعو ڪرڻ جو موقعو مليو ۽ هن عالمي طبي بحران بابت تحقيق ڪري بل اينڊ ملينڊا گيٽس فائونڊيشن جو بنياد رکڻ جو فيصلو ڪيو.
هن ان اداري کي پنهنجي ڌيان جو مرڪز بڻائي ڇڏيو ۽ مطالعي جي عادت کيس طبي مسئلن جو تجزيو ڪري انهن شعبن جي سڃاڻپ ڪرڻ ۾ مدد ڪئي، جنهن ۾ پئسو لڳائي هو ماڻهن جي مدد ڪري پئي سگهيو.
2017 ۾ هڪ انٽرويو دوران بل گيٽس چيو هو ته مطالعي سان دنيا بابت ڄاڻڻ جو تجسس وڌيو آهي ۽ ان سان ئي کيس ڪيريئر ۽ گيٽس فائونڊيشن کي اڳتي وڌائڻ ۾ مدد ملي.
2000 کان هيل تائين سندس ادارو طبي مسئلن جهڙو ايڊز، مليريا وغيرا جي روڪٿام لاءِ 53.8 ارب ڊالر خرچ ڪري چڪو آهي.
Prev Post
Next Post
You might also like