اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد جي احتساب عدالت القادر ٽرسٽ ريفرنس ۾ پراپرٽي ٽائيڪون ملڪ رياض، وزيراعظم جي اڳوڻي خاص مددگار مرزا شهزاد اڪبر ۽ زلفي بخاري ۽ ٻين ٽن جوابدارن جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن.
اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي زال جي دوست فرحت شهزادي، وڪيل ضياءُ المصطفيٰ نسيم ۽ ملڪ رياض جي پٽ علي احمد رياض جا به ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا ويا آهن.
گذريل ڏينهن قومي احتساب بيورو (نيب) اڳوڻي وزيراعظم عمران خان ۽ سندس گهرواري بشرا بي بي سميت 7 ڄڻن خلاف القادر ٽرسٽ ڪيس جي سلسلي ۾ ريفرنس داخل ڪيو هو.
ڪيس ۾ الزام لڳايو ويو آهي ته عمران خان ۽ بشريٰ بي بي 50 ارب رپين جي قانوني حيثيت لاءِ بحريا ٽائون لميٽڊ مان اربين رپيا ۽ سوين ڪنال زمين حاصل ڪئي جنهن جي نشاندهي پي ٽي آءِ جي اڳوڻي حڪومت دوران برطانيا ڪئي ۽ ملڪ کي واپس ڪيا.
نيب طرفان داخل ڪرايل ريفرنس ۾ الزام لڳايو ويو آهي ته جيل ۾ موجود عمران خان بحريا ٽائون ڪراچي طرفان زمين جي ادائيگي لاءِ جوڙيل اڪائونٽ ۾ رياست پاڪستان کي فنڊز جي غيرقانوني منتقلي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.
ريفرنس ۾ اها به دعويٰ ڪئي وئي آهي ته جواز ڄاڻائڻ ۽ معلومات فراهم ڪرڻ جا ڪيترائي موقعا ڏيڻ باوجود جوابدار ڄاڻي واڻي ۽ بدنيتي سان ڪنهن نه ڪنهن بهاني تي معلومات ڏيڻ کان انڪار ڪيو
ريفرنس ۾ فرحت شهزادي، وزيراعظم جو اڳوڻو خاص مددگار زلفي بخاري ۽ شهزاد اڪبر، وڪيل ضياءُ المصطفيٰ نسيم ۽ پراپرٽي ٽائيڪون ملڪ رياض ۽ سندس پٽ کي به نامزد ڪيو ويو آهي.
اڄ اسلام آباد جي احتساب جج محمد بشير لکت ۾ حڪم جاري ڪندي چيو آهي ته عمران خان اڳ ۾ ئي جوڊيشل رمانڊ تي آهي ۽ کيس عدالت ۾ پيش ڪيو ويو آهي.
هن هدايت ڪئي ته اڊيالا جيل جي سپرنٽينڊنٽ کي نوٽيس جاري ڪيو وڃي، اڳوڻي وزيراعظم پي ٽي آءِ جي اڳوڻي چيئرمين کي 6 ڊسمبر (اربع) تي ايندڙ ٻڌڻي تي پيش ٿيڻ لاءِ آگاهه ڪيو وڃي.
ان سان گڏ جج رمارڪس ڏنا ته بشرا بي بي عدالتن مان عبوري ضمانت حاصل ڪري ورتي آهي ۽ هدايت ڪئي ته کيس ايندڙ ٻڌڻي تي پيش ٿيڻ لاءِ آگاهه ڪيو وڃي.
جج چيو ته ريفرنس ۾ نامزد ٻيا 6 جوابدار مفرور آهن، انهن جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ايندڙ تاريخ تي رپورٽ پيش ڪئي وڃي.
حڪم ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ريفرنس جو ٽرائل اڊيالا جيل يا جتي به ڪيس ۾ نامزد ماڻهو آهن، قانون واري وزارت جي 14 نومبر تي جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب ڪيو ويندو.