ڪراچي: (ويب ڊيسڪ) آل پاڪستان سيمينٽ مينوفيڪچررز ايسوسي ايشن موجب نومبر 2023 ۾ سيمينٽ جو وڪرو 2.12 سيڪڙو گهٽجي 3.924 ملين ٽن ٿي ويو جڏهن ته گذريل سال نومبر ۾ 4.0099 ملين ٽن سيمينٽ وڪرو ٿيو هو.
انگن اکرن موجب نومبر 2023ع ۾ سيمينٽ جو مقامي وڪرو 3.862 ملين ٽن جي مقابلي ۾ 3.262 ملين ٽن رهيو، جيڪو 15.53 سيڪڙو جي گهٽتائي ظاهر ڪري ٿو.
ان دوران سيمينٽ جي برآمد ۾ 348.29 سيڪڙو واڌ ٿي ۽ نومبر 2023 ۾ سيمينٽ جي ايڪسپورٽ گذريل سال نومبر جي هڪ لک 47 هزار 757 ٽن جي ڀيٽ ۾ 6 لک 62 هزار 374 ٽن رهي.