لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ بگ بيش ليگ لاءِ زمان خان، حارث رئوف ۽ اسامه مير کي اين او سي جاري ڪري ڇڏيو.
پي سي بي آسٽريلوي ليگ ۾ ڪانٽريڪٽ حاصل ڪندڙ پاڪستاني ڪرڪيٽرن حارث رئوف، زمان خان ۽ اسامه مير کي اين او سي جاري ڪيو آهي.
پي سي بي طرفان جاري ڪيل پڌرائيءَ موجب فيصلو سمورن اسٽيڪ هولڊرن جي بهترين مفاد ۾ آهي.
بورڊ اهو اين او سي رانديگرن جي ورڪ لوڊ ۽ پاڪستان ٽيم جي فيوچر ٽور پروگرام کي نظر ۾ رکندي جاري ڪيو آهي.
حارث رئوف ۽ اسامه مير کي 5-5، جڏهن ته زمان خان کي 4 مقابلن لاءِ اين او سي جاري ڪيو ويو آهي.
You might also like