ناليواري اداڪارا اشنا شاهه مڙس حمزا امين سان گڏ عمري جي سعادت حاصل ڪري ورتي.
انسٽاگرام تي اداڪارا ڪعبت الله جي اڱڻ مان تصوير شيئر ڪندي مداحن کي عمري جي سعادت حاصل ڪرڻ جو اطلاع ڏنو.
تصويرن ۾ اشنا شاهه کي اسڪارف ۽ حمزا امين کي احرام ۾ ڏسي سگهجي ٿو.
اشنا شاهه ڪعبت الله ۾ مظلوم فلسطينين لاءِ دعا ڪئي ۽ لکيو ته پنهنجي فلسطيني ڀائرن ۽ ڀينرن کي دل ۽ دعائن ۾ سدائين ياد رکو، اميد ته اهي آزاد ٿي ويندا، آمين.
Prev Post
You might also like