ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي ثقافتي ڏهاڙي تي آمريڪي قونصل خاني جي ترجمان هيٿر مرفي سنڌي وڳو پائي خوبصورت پيغام جاري ڪيو آهي.
آمريڪي قونصل خاني جي ترجمان هيٿر مرفي سنڌ جي ثقافتي ڏهاڙي تي پيغام جاري ڪندي چيو ته مان سنڌين کي اڄوڪي ڏينهن جي مبارڪباد پيش ڪيان ٿي، هن موقعي تي اهي پنهنجي خوشي جو اظهار ڪري رهيا آهن.
هن چيو ته سنڌ ولين، صوفين، موسيقارن ۽ درويشن جي سرزمين آهي، سنڌي ثقافت سان هن خطي ۾ هر قسم جي رواداري نظر ايندي آهي، خوشي جي هن موقعي تي خطي جي ترقي جي خواهشمند آهيان.
سندس چوڻ هو ته سنڌ جي ثقافتي ڏهاڙي جي موقعي تي سنڌ واسين سميت سڄي پاڪستان جي عوام لاءِ امن ۽ خوشحالي جي نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيون ٿا.
سنڌ جي ثقافتي ڏهاڙي جي موقعي تي سنڌ واسين سميت پوري پاڪستان جي عوام لاءِ امن ۽ خوشحالي وارين نيڪ خواهشن جو اظهار ڪن ٿا امريڪي قونصليٽ ڪراچي.
اوهان سڀني کي سنڌ جو ثقافتي ڏهاڙو مبارڪ هُجي!#SindhCultureDay #Sindh pic.twitter.com/XIimDmehk5— US Consulate Karachi (@usconsulatekhi) December 3, 2023