اسلام آباد (عوامي آواز نيوز) اسلام آباد ٽاپ سٽي جي مالڪ ڪنور معيد جو چوڻ آهي ته عدالتي ڪارروائي مان مطمئن آهيان.
صحافي عبدالقيوم صديقي سان ڳالهائيندي جهانزيب عباسي ۽ طيب بلوچ ڳالهائيندي چيو ته هاڻي ٽاپ سٽي جو مالڪ ڪنور معيد بچاءَ واري وزارت ۾ جنرل (ر) فيض حميد ۽ ٻين خلاف درخواست داخل ڪندو ڇو ته عدالت کيس 3 آپشن ڏنا هڪ دفاع وزارت کي درخواست ڏئي يا سول ڪورٽ يا وري ڪرمنل ڪورٽ ۾ وڃي.
نوٽ: هيءَ خبر روزاني عوامي آواز خميس 9 نومبر 2023ع تي شايع ٿي