خيرپور (ويب ڊيسڪ) فاطمه ڦرڙو قتل ڪيس ۾ ايس ايس پي خيرپور ۽ قانون وارو نگران وزير آمهون سامهون ٿي ويا.
ايس ايس پي خيرپور عوامي آواز طرفان رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته لاهور مان ڪرايل رپورٽ ۾ ڊي اين اي ميچ ٿيڻ جو ڪو به ليٽر وغيرا ايس ايس پي آفيس يا جاچ آفيسر وٽ ناهي پهتو،
هن چيو ته ڊي اين اي ميچ ٿيڻ جي خبرن جي ترديد ڪندي چيو ته سوشل ميڊيا تي اجائي واويلا ڪئي پئي وڃي.
واضح رهي ته سنڌ جي قانون ۽ انساني حقن بابت نگران وزير عمر سومري تصديق ڪئي آهي ته راڻي پور ۾ پير جي حويلي ۾ قتل ڪيل نينگري فاطمه ڦرڙو سان زيادتي ٿي، ڊي اين اي ۾ جوابدار جا جزا ميچ ٿي ويا آهن.
You might also like