ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي قانون ۽ انساني حقن بابت نگران وزير عمر سومري تصديق ڪئي آهي ته راڻي پور ۾ پير جي حويلي ۾ قتل ڪيل نينگري فاطمه ڦرڙو سان زيادتي ٿي، ڊي اين اي ۾ جوابدار جا جزا ميچ ٿي ويا آهن.
نيشنل جڊيشل ڪانفرنس سان خطاب ڪندي عمر سومري چيو ته پير جي حويلي ۾ ڪم ڪندڙ فاطمه ڦرڙو جي ڪيس ۾ خيرپور وياسين، پير جا ڊي اين اي سيپمل ميچ نه پيا ٿين، صحت کاتي جي آفيسرن پير سان لاڳاپن جي بنياد تي سيمپل تباهه ڪري ڇڏيا هئا.
هن چيو پنجاب مان ٽيسٽ ڪرائي سين ته ڊي اين اي ميچ ٿي ويو،
You might also like