غير قانوني افغانين جي واپسي جاري، وڌيڪ 5 هزار 85 ڄڻا روانا

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) غير قانوني پرڏيهين کي واپس وڃڻ جي ڊيڊ لائن کانپوءِ افغان شهرين کي پاڪستان مان واپس پنهنجي ڏيهه موڪلڻ جو سلسلو جاري آهي.
پاڪستان ۾ غير قانوني طور رهندڙ افغانين جي عزت سان ۽ محفوظ طريقي سان واپسي حڪومت جي پهرين ترجيح آهي ۽ روز جي بنيادن تي هزارن جي انگ ۾ غير رجسٽرڊ افغان شهرين کي طورخم ۽ چمن بارڊر ذريعي پنهنجي ملڪ موڪليو پيو وڃي.
تفصيلن موجب 7 نومبر تي 5085 غير قانوني افغانين کي پنهنجي ملڪ واپس موڪليو ويو، جن ۾ 1475 مرد، 1420 عورتون ۽ 2190 ٻار شامل آهن.
افغان روانگي لاءِ 231 گاڏين ۾ 829 خاندانن جي پنهنجي وطن واپسي عمل ۾ آندي وئي.
انگن اکرن موجب هيل تائين مجموعي طور تي ٻه لک 3 هزار 639 غير قانوني طور رهندڙ افغانين جي پنهنجي ملڪ واپسي ٿي چڪي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.