پي ٽي آءِ کي ليول پليئنگ فيلڊ ڏني وڃي: صدر جو وزيراعظم کي خط

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) صدر عارف علوي نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ کي خط لکيو آهي ته ليول پليئنگ فيلڊ ۽ بنياي حقن جي حوالي سان تحريڪ انصاف جي خدشن تي غور ڪيو وڃي.
صدر، پي ٽي آءِ اڳواڻ عمر ايوب طرفان لکيل خط به نگران وزيراعظم کي موڪليو آهي.
صدر پنهنجي خط ۾ چيو آهي ته نگران حڪومت جو سڀني سياسي جماعتن کي ليول پليئنگ فيلڊ فراهم ڪرڻ اهم آهي، بنيادي حقن ۽ ليول پليئنگ فيلڊ تي پي ٽي آءِ جي خدشن تي غور ڪيو وڃي.
صدر موجب مون کي يقين آهي ته جمهوريت پاڪستان جي عوام ۽ رياست لاءِ اڳتي وڌڻ جو مناسب رستو آهي، عوام جو سياسي سرگرمين ۾ حصو وٺڻ ۽ ميڊيا ذريعي آزادي جو اظهار جمهوريت جو روح آهي.
صدر خط ۾ لکيو ته آزاد چونڊن تي سڄي پاڪستان ۾ اتفاق آهي، سياسي جماعتن ۽ انهن جي اڳواڻن کي چونڊن ۾ حصو وٺڻ ۽ عوام کي کين چونڊڻ جو حق آهي، آئين تحت صدر، وزيراعظم ۽ سمورا ادارا شهرين جي حقن جو تحفظ ڪرڻ جا پابند آهن، تنهن ڪري تحريڪ انصاف جي الزامن تي ٻڌل خط توهان کي موڪلي رهيو آهي، نگران وزيراعظم ۽ حڪومت جو سربراهه هجڻ جي حيثيت سان انهن معاملن تي غور ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.