مينهن وسائيندڙ نظام اولهه کان پاڪستان ۾ داخل، اربع تي اثر پوندو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) موسميات کاتي اربع کان خميس تائين ملڪ جي مختلف علائقن ۾ تيز برساتن جي اڳڪٿي ڪئي آهي.

موسميات کاتي موجب 8 کان 9 نومبر تي مٿانهين علائقن ۾ گجگوڙ سان برسات ۽ جبلن تي برفباري جو امڪان آهي.

ويسٽرن مون سون سسٽم پاڪستان ۾ داخل ٿي ويو آهي، جنهن تحت بلوچستان جي اتر اوڀر وارن علائقن ۾ برسات جو امڪان آهي.

پي ڊي ايم اي موجب اولهه مون سون سسٽم تحت ڪوئيٽا، خاران، چمن، زيارت، قلعه عبدالله ۽ بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ برسات جو امڪان آهي.

قلعه سيف الله، لورالائي، پشين، زيارت، هرنائي ۽ مسلم باغ ۾ برسات جا امڪان آهن جڏهن ته زوب، موسيٰ خيل، سبي، مستونگ، قلات، نوشڪي ۽ چاغي ۾ به برسات جو امڪان آهي.

پشاور ۾ جزوي طور تي ڪڪر، موسم خشڪ ۽ ٿڌي رهڻ جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.