ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) ڪوئيٽا جي سول اسپتال جي 5 ڊاڪٽرن سميت عملي جا 8 ڄڻا ڪانگو وائرس جو شڪار ٿي ويا جن مان هڪ ڊاڪٽر فوت ٿي ويو آهي.
بلوچستان جي صحت کاتي جي ترجمان موجب 8 مان ستن ڄڻن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ ايئر ايمبولينس ذريعي ڪراچي جي نجي اسپتال منتقل ڪيو ويو هو جڏهن ته هاڻي هڪ ڊاڪٽر شڪر الله فوت ٿي ويو آهي.
ترجمان ٻڌايو ته ڊاڪٽر شڪر الله ٽي ڏينهن اڳ ڪانگو وائرس مان متاٿر ٿيو هو.
ان کانسواءِ ڪوئيٽا جي سول اسپتال، شيخ زيد اسپتال ۽ فاطما جناح اسپتال ۾آئسوليشن وارڊ قائم ڪيا ويا آهن.
Next Post
You might also like