اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ 42 سالن کانپوءِ ٻن ڀيڻن کي ملڪيت جو حق ڏيڻ جو فيصلو ٻڌائيندي ملڪيت نه ڏيندڙ تي 10 لک رپيا ڏنڊ به لاڳو ڪري ڇڏيو.
سپريم ڪورٽ ۾ عورتن کي ملڪيت ۾ حصو نه ڏيڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، عدالت عظميٰ 42 ورهين کانپوءِ ٻن ڀيڻن کي ملڪيت جو حق ڏيڻ جو فيصلو ٻڌايو.
عدالت ملڪيت نه ڏيندڙ تي 10 لک رپيا ڏنڊ لاڳو ڪندي حڪم ڏنو ته ڏنڊ نه ڏيڻ تي ايتري ئي ماليت جي ملڪيت ڏني ويندي.
چيف جسٽس درخواستگذار جي پٽ سان مڪالمي ۾ چيو ته توهان ٻن ڀيڻن جو حصو ماري ڇڏيو، ڀينرون ڪيتريون شريف آهن، ڇا اهي شادي شده آهن؟ توهان اٽارني ذريعي پٽ کي سڄي ملڪيت ڏئي ڇڏي.
جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ريمارڪس ڏنا ته قانون، اخلاق، دين ۽ سماج سڀ ان ڪيس ۾ توهان جي خلاف آهن، ماتحت عدالت جيڪڏهن ڀينرن کي حصو نه ڏنو ته هيءَ عدالت ڏيندي، 42 سالن کان توهان دوکو ڏئي رهيا آهيو، قانون ۽ عدالتن کي توهان نٿا مڃون.
جسٽس اطهر من الله چيو ته توهان جي خلاف فيصلو آيو ته توهان نظرثاني لاءِ اچي ويا، ڇو ته توهان تي مثالي ڏنڊ لاڳو ڪيون، جنهن تي درخواستگذار جي وڪيل چيو ته ٻئي پڦيون لاڏاڻو ڪري ويون آهن.
چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته اهي ملڪيت جو حصو وٺڻ بنا فوت ٿي ويون، توهان ڪيڏو وڏو ڏهه ڪيو، هاڻ اسان مضبوط پيغام موڪلينداسين.
Next Post
You might also like