سنڌ جي نگران وڏي وزير جو شاهراهه فيصل کي خوبصورت بڻائڻ جو حڪم

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي نگران وڏي وزير ڪراچي جي مک روڊ شاهراهه فيصل کي خوبصورت بڻائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر جي صدارت هيٺ شاهراهه فيصل جي خوبصورتي بابت اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ڪراچي جي ڪمشنر، ڊي جي ڪي ڊي اي، مڪاني کاتن جي سيڪريٽري ۽ ٻين لاڳاپيل اختيارين شرڪت ڪئي.
وڏي وزير چيو ته ملڪي ۽ پرڏيهي ماڻهن جي ايئرپورٽ ڏانهن اچ وڃ شاهراهه فيصل تان ٿيندي آهي، مان چاهيان ٿو ته شاهراهه فيصل خوبصورت نظر اچي، پهرئين مرحلي ۾ شاهراهه فيصل، پوءِ باقي خاص روڊن کي خوبصورت بڻايو وڃي.
ڪي ڊي اي ڊي جي طاهر سانگي بريفنگ ۾ چيو ته اسان علائقي کي خوبصورت ڪرڻ چاهيون ٿا، فوٽ پاٿ ۽ پنڌ هلڻ جي رستن کي خوبصورت ڪرڻ ضروري آهي، علائقي کي سرسبز ڪرڻو پوندو، وڻن جي صفائي سٿرائي يقيني بڻائڻي پوندي.
بريفنگ ۾ چيو ويو ته شهر جي خوبصورتي بابت آرڪيٽڪٽس پنهنجون تجويزون ڏنيون آهن، اهي شهر لاءِ ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهن.
وڏي وزير چيو ته پهرئين مرحلي ۾ ايئرپورٽ کان وٺي ڊرگ روڊ تائين شاهراهه فيصل کي خوبصورت بڻائينداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.