سنڌ حڪومت صوبي جي سڀني مڪاني ادارن جي پگهارن ۽ پينشن لاءِ رقم جاري ڪري ڇڏي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي ناڻي کاتي صوبي جي سڀني مڪاني ادارن جي او زيڊ ٽي شيئر جي رقم جاري ڪري ڇڏي.
نوٽيفڪيشن موجب مجموعي طور تي 10 ارب 68 ڪروڙ 91 لک 51 هزار رپيا جاري ڪيا ويا آهن.
صوبي جي 1466 يونين ڪائونسلز ۽ ڪميٽين لاءِ 7 ارب 33 ڪروڙ رپين جا شيئرز جاري ڪيا ويا آهن.
سکر، حيدرآباد ۽ لاڙڪاڻي ميونسپل ڪارپوريشنز ۽ 184 ميونسپل، ٽائون ڪميٽين لاءِ 3 ارب 35 ڪروڙ کان وڌيڪ جي رقم شامل آهي.
اها رقم نومبر جي مهيني جي خرچن لاءِ اڳواٽ جاري ڪئي وئي آهي، جيڪا مڪاني کاتي جي ڪارپوريشنز ۽ ڪميٽين جي ملازمن کي پگهارن ۽ پينشن جي مد ۾ ادا ڪئي ويندي.
ڄاڻايل رقم صفائي جي انتظامن، پاڻي جي فراهمي، نيڪالي جي نظام، ٻارڻ ۽ ڪارپوريشنز ۽ ڪميٽين کي ضروري خريداري لاءِ استعمال ڪئي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.