اسٽاڪ ايڪچسينج ۾ زبردست تيزي، 6 سالن جو رڪارڊ ٽٽي ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ 6 سالن کانپوءِ پهريون ڀيرو 53 هزار پوائنٽن جي حد بحال ٿي وئي.
عام چونڊن جي تاريخ جي اعلان کانپوءِ معاشي انگن اکرن ۾ به بهتري اچڻ لڳي ۽ سيڙپڪارن جي مارڪيٽ ۾ دلچپسي سبب هنڊريڊ انڊيڪس ملڪي تاريخ جي بلند ترين سطح تي پهچي ويو.
100 انڊيڪس اڄ 53 هزار جي سطح پار ڪندي مئي 2017 ۾ انٽرا ڊي ٽريڊنگ دوران 53 هزار 179 جي تاريخ جي بلند ترين سطح کي به پار ڪري ويو.
اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ مسلسل تيزي جو تسلسل جاري آهي، سيڙپڪارن طرفان شيئرز جي خريداري سبب 100 انڊيڪس 544 پوائنٽون وڌي ويو.
جمعي تي پي ايس ايڪس 100 انڊيڪس ڪاروبار دوران پهريون ڀيرو 53 هزار 200 تي وڃي پهتو پر ڪاروبار جي پڄاڻي تي 100 انڊيڪس ۾ 466 پوائنٽن جي واڌ ٿي ۽ انڊيڪس 53 هزار 123 پوائنٽن جي بلند ترين سطح تي بند ٿيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.