افغانين جو سامان واپس نه ڪرڻ جي شڪايت تي اسلام آباد پوليس جا آفيسر معطل

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وطن واپس ايندڙ افغانين جو سامان واپس نه ڪرڻ جي شڪايت تي اسلام آباد پوليس جي سربراهه سخت نوٽيس وٺندي لاڳاپيل آفيسرن کي معطل ڪري ڇڏيو.
جمعي ڏينهن اسلام آباد پوليس جي سربراهه ايس ايس پي آپريشنز، ايس ايڇ او شاليمار ٿاڻي، ايڊمن آفيسر ۽ اي ايس آءِ خلاف محڪماڻي انڪوائري جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا.

اسلام آباد پوليس هڪ بيان ۾ چيو ته پوليس آفيسرن جي رويي، اختيار اورانگهڻ ۽ ڪرپشن جي حوالي سان ڪنهن به شڪايت لاءِ آءِ سي سي پي او جي شڪايتي سيل 1715 تي اطلاع ڏيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.