ٺٽو: سول اسپتال ۾ 3 ٻارڙا فوت، وارثن جو ڊاڪٽرن تي غفلت جو الزام

ٺٽو (ويب ڊيسڪ) ٺٽو سول اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ ۾ 3 ٻارڙا فوت ٿي ويا.
ذريعن موجب ٻه ٻارڙا گيسٽرو وگهي ۽ هڪ ٻارڙو رت جي کوٽ سبب لاڏاڻو ڪري ويو، ٽنهي ٻارن کي ايمرجنسي جي حالت ۾ اسپتال پهچايو ويو هو.
هوڏانهن وارثن ڊاڪٽرن تي غفلت جو الزام هڻندي چيو آهي ته ڊاڪٽرن وقت تي طبي امداد نه ڏني، جنهن سبب ٻارڙا فوت ٿي ويا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.