اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) : وفاقي حڪومت يوم اقبال جي موقعي تي 9 نومبر تي سڄي ملڪ ۾ عام موڪل جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.
ڪابينا ڊويزن سرڪاري موڪلن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي.
نوٽيفڪيشن موجب 9 نومبر خميس تي سڄي ملڪ ۾ عام موڪل هوندي.
شاعر مشرق ڊاڪٽر علامه محمد اقبال جو جنم ڏهاڙو 9 نومبر تي وڏي جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويندو.