اسرائيل تي جنگي جنون سوار، وڌيڪ 166 فلسطيني شهيد

غزا (ويب ڊيسڪ) غزا ۾ اسرائيل جي وحشياڻين ڪاررواين دوران وڌيڪ 166 فلسطيني شهري شهيد ٿي ويا.
فلسطين جي صحت واري وزارت طرفان جاري ڪيل بيان موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران اسرائيلي جارحيت سبب وڌيڪ 166 فلسطيني شهيد ٿيا، جنهن کان پوءِ 7 آڪٽوبر کان هيل تائين شهيد ٿيلن جو انگ 9227 ٿي ويو آهي.
بيان ۾ ٻڌايو ويو ته 271 شهيد ماڻهن ۾ 79 عورتون ۽ 76 ٻار شامل هئا.
گڏيل طور تي غزا ۾ هيل تائين 2405 عورتون ۽ 3826 ٻار شهيد ٿي چڪا آهن.
فلسطيني وزارت موجب 32 هزار 500 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي آهن.
بيان موجب 1200 ٻار هن وقت به تباهه ٿيل عمارتن جي ملبي هيٺ دٻيل آهن.
اختيارين جو چوڻ هو ته 7 آڪٽوبر کان هيل تائين اسرائيلي بمباري ۾ 136 طبي ورڪرز شهيد جڏهن ته 25 ايمبولينسز تباهه ٿي چڪيون آهن.
بيان ۾ ٻڌايو ويو ته اسرائيل طرفان 7 آڪٽوبر کان هيل تائين غزا جي اسپتالن تي 126 جڏهن ته طبي مرڪزن تي 50 حملا ڪيا ويا آهن.
فلسطيني صحت واري وزارت جي ترجمان جو چوڻ هوت رفح ڪراسنڪ کان تمام ٿوري انگ ۾ زخمين کي مصر منتقل ڪيو ويو آهي.
ترجمان ٻڌايو ته گھٽ ۾ گھٽ 800 سخت زخمي ماڻهن کي مصر منتقل ڪرڻ جي ضرورت آهي، ڇو جو غزا جي اسپتالن جو نظام درهم برهم هجڻ سبب هتي انهن جو علاج ممڪن ناهي.
ترجمان موجب غزا جي اڪيلي ڪينسر اسپتال کان پوءِ کان هيل تائين ڪينسر جو شڪار 12 مريض فوت ٿي چڪا آهن.
ترجمان چيو ته اسان سڀني ڌرين ۽ عالمي برادري کي درخواست ڪريون ٿا ته طبي سامان ۽ ٻارڻ جي سپلاءِ لاءِ محفوظ راهداري فراهم ڪئي وڃي جڏهن ته ٻين ملڪن جي رضاڪار طبي ٽيمن کي غزا اچڻ جي اجازت ڏني وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.