غير ملڪي پناھگير ۽ پيپلز پارٽي جو پٺڀرائي وارو ڪردار

تحرير: ذلفي چاچڙ

نگران حڪومت پاران ملڪ ۾ رھندڙ غير قانوني غير ملڪين کي نيڪالي ڏيڻ جي اعلان کان پوءِ مٿس نه رڳو اندروني پر عالمي دٻاءُ پڻ وڌيو آھي، پر ھن وقت تائين نگران حڪومت جي موقف ۾ ڪا به لچڪ يا نرمي ناھي آئي. جنھن مان سمجھي سگھجي ٿو ته نگران حڪومت غير ملڪين کي ڏيھه نيڪالي ڏيڻ واري فيصلي تي اٽل ۽ ان معاملي ۾ مخلص آھي.

جيڪڏھن موجوده حڪومت پنھنجي ان ارادي ۾، جيڪو بظاھر ڏکيو ته ضرور آھي، پر ناممڪن ناھي. ڪامياب وئي ته اھا ملڪي تاريخ جي سڀ کان وڏي ڪاميابي ليکي ويندي.  پاڪستان جي تاريخ جو سڀ کان وڏو ۽ ڏکيو فيصلو رڳو نگران حڪومت جو ناھي. ان جي پٺيان يقينن ھڪ طاقتور اداري جو ھٿ پڻ شامل آھي. اھو ھٿ ھونئن ته ڪيترن ئي معاملن جي پسمنظر ۾ نظر ايندو رھي ٿو، پوءِ اھي معاملا سياسي ھجن يا معاشي۔ ڪنھن جي حڪومت ٺاھڻي ھجي يا ڊاھڻي ان ھٿ جو ھميشه منفي ڪردار رھيو آھي. جنھن جي باشعور ماڻھو نه رڳو مذمت ڪندا رھيا آھن، پر ان عمل کي ملڪي تباھي جو ڪارڻ پڻ سمجھندا رھيا آھن.

غير ملڪين کي نيڪالي ڏيڻ لاءِ ھر قسم جي دٻاءُ کي رد ڪري نگران حڪومت کي ثابت قدم رھڻ جو حوصلو ڏيڻ سٺو عمل آھي. دراصل اھي قوتون پنھنجي ڪيل غلطين جو ازالو ڪرڻ چاھين ٿيون. جن جي آشيرواد سان ملڪ ۾ غير ملڪين کي تحفظ ملندو رھيو ۽ اھي ڏينھون ڏينھن مضبوط کان مضبوط تر ٿيندا ويا، تان جو اھي غير ملڪي نه رڳو انھن کي اکيون ڏيکارڻ لڳا پر سندن ذاتي ڪاروبار تي پڻ قابض ٿيڻ لڳا ۽ ڊالر ٻاھرين ملڪن ۾ منتقل ڪري ملڪي معيشت کي ڪمزور ڪرڻ لڳا. سندن تجربا ناڪام ۽ تدبيرون ابتيون ٿيڻ کان پوءِ انھن غير ملڪين کي ڏيھه نيڪالي ڏيڻ جو حتمي فيصلو ڪيو. جيڪو انھن ماڻھن جي حق ۾ آھي جن جا مستقل مفاد سنڌ سان لاڳاپيل آھن.

پاڪستان ۾ غير ملڪين جي آمد جو سلسلو ورھاڱي کان پوءِ شروع ٿيو، جيڪو اڃان تائين جيئن جو تئين جاري آھي.  پاڪستان دنيا جو واحد ملڪ آھي، جتي ڄڻ ڪنھن لاءِ ڪو امريگيشن جو قانون لاڳو ٿئي ئي نٿو. جيڪو جيئن چاھي تئين ڪري سگھي ٿو. جيڪو جتي چاھي رھي سگھي ٿو ۽ ھر غير قانوني ڪاروبار   بنا ڪنھن خوف کائڻ جي ڪري سگھي ٿو. گذريل 76 سالن کان لکين غير ملڪي پاڪستان اچي سنڌ ۾ آباد ٿيندا آھن. جنھن سبب سنڌ جي ڊيمو گرافي ئي تبديل ٿي وئي ۽ ھاڻ ان جي جاگرافي حدن سان پڻ ھٿ چراند ٿيڻ لڳي آھي.

ڪجھه سياسي ڌريون پنھنجو ووٽ بينڪ ۽ اڪثريت وڌائڻ لاءِ غير ملڪين جي خلاف ڪارروائي ڪرڻ جي مخالفت ڪري رھيون آھن، پر اھي تاريخي غلطي ڪرڻ سان گڏ خود کي دوکو پڻ ڏئي رھيون آھن. ڇا ڪاڻ ته اسان جي اکين اڳيان مني صدي جو ھڪ ڊگھو داستان موجود آھي. جنھن مان غير ملڪين جو مقامي ماڻھن سان ورتاءُ، سندن رھڻي ڪھڻي ۽ مزاج معلوم ڪري سگھجي ٿو.

ملڪ ۾ رھندڙ غير ملڪين کي نيڪالي ڏيڻ جي خلاف پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻن فرحت الله بابر، سينٽر مشتاق ۽ محسن داوڙ سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي آھي. جنھن ۾ ڄاڻايو ويو آھي ته افغانين سميت ٻين غير ملڪين کي نيڪالي ڏيڻ جي بدران کين شھريت ڏني وڃي. ڌارين جي آبادڪاري ۽ غير ملڪين خلاف سنڌ جي ماڻھن سدائين جدوجھد ڪئي آھي، جو سڀ کان متاثر سنڌ ٿيندي رھي آھي، پر پاڪستان پيپلز پارٽي جنھن کي سنڌ جي ماڻھن جو مينڊئيٽ حاصل آھي. سدائين سنڌين جي احتجاج کي نظر ڪري ڌارين جي پٺڀرائي پئي ڪئي آھي. شھيد ذوالفقار علي ڀٽي جي دور ۾ بھارين جا بحري جھاز ڀرجي سنڌ آيا ۽ بنگالين کي جعلي ڪاغذن تي سنڌ جي ڪوٽا تي نوڪريون ڏنيون ويون. جيڪڏھن ڏٺو وڃي ته اڄ انھن جي اڪثريت ايم ڪيو ايم ۽ جماعت اسلامي جي ووٽر آھي، اھي ٻئي جماعتون سنڌي ماڻھن لاءِ ڪھڙا خيال رکن ٿا؟ اھو ڪنھن کان به لڪيل ۽ ڍڪيل ناھي.

آغا سراج دراني، نثار کھڙي سميت پاڪستان پيپلز پارٽي جا ڪجھه ٻيا اڳواڻ وقت به وقت ڌارين کي شھريت ڏيڻ جو مطالبو ڪندا رھندا آھن، پر ھن ڀيري پاڪستان پيپلز پارٽي ان معاملي ۾  کليل نموني سامھون آئي آھي، پر پارٽي جي ان عمل خلاف جذباتي شاعري ڪندڙ ۽ خود کي سنڌ پرست سمجھندڙ ڪنھن به پي پي سان لاڳاپيل شخص جو ڪو ردعمل سامھون ناھي آيو آھي، جنھن کي اسان خاموش رضامندي سمجهون ٿا.

نگران حڪومت پاران غير ملڪين کي ڏنل مھيني جي مھلت ختم ٿيڻ جي باوجود به غير ملڪي پاڪستان ڇڏڻ لاءِ تيار ناھن، ڇو ته کين مختلف مذھبي ۽ سياسي جماعتن سان گڏ پاڪستان پيپلز پارٽي جو پڻ آشيرواد حاصل آھي. غير ملڪين کي قانوني تحفظ ڏيڻ لاءِ نادرا جون ٽيمون رات جي وڳڙي ۾ ڪم ڪري رھيون آھن. اھو سڀ ڪجھه ڪنھن جي چوڻ تي ٿي رھيو آھي؟ ان عمل مان لڳي ٿو ته ان معاملي ۾ ملڪ جو طاقتور ادارو پڻ ورھايل آھي.

موجوده حالتون سنگين ۽ فيصلا ڪن آھن، پيپلز پارٽي سميت سياسي ۽ مذمتي جماعتون توڙي ادارا ھڪ طرف بيٺل آھن ته ٻي طرف سنڌ ۽ سنڌ جا ماڻھو ان صورتحال ۾ سنڌ جي ماڻھن کي ڇا ڪرڻ گھرجي، اھو فيصلو دانشمندي سان ڪرڻ گھرجي، ڇا ڪاڻ ته ھاڻ ڪا غلطي ۽ لاپرواھي جي ڪا گنجائش ناھي.

ڌارين جي آبادڪاري ۽ غير ملڪين خلاف سنڌ جي ماڻھن سدائين جدوجھد ڪئي آھي، جو سڀ کان متاثر سنڌ ٿيندي رھي آھي، پر پاڪستان پيپلز پارٽي جنھن کي سنڌ جي ماڻھن جو مينڊئيٽ حاصل آھي. سدائين سنڌين جي احتجاج کي نظرانداز ڪري ڌارين جي پٺڀرائي پئي ڪئي آھي. شھيد ذوالفقار علي ڀٽي جي دور ۾ بھارين جا بحري جھاز ڀرجي سنڌ آيا ۽ بنگالين کي جعلي ڪاغذن تي سنڌ جي ڪوٽا تي نوڪريون ڏنيون ويون. جيڪڏھن ڏٺو وڃي ته اڄ انھن جي اڪثريت ايم ڪيو ايم ۽ جماعت اسلامي جي ووٽر آھي، اھي ٻئي جماعتون سنڌي ماڻھن لاءِ ڪھڙا خيال رکن ٿا؟ اھو ڪنھن کان به لڪيل ۽ ڍڪيل ناھي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.